آستانه – 21 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر مح??د اسحاق ڊار آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي پرڏيهي وزير مرات ابوگالي نورتيلو سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظ?? ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي رابطن جي منصوبن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. هن ايس سي او هيڊ آف اسٽيٽ ڪائونسل جي صدارت دوران قازقستان جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کان آگاه?? ڪيو. نائب وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ علائقائي رابطن کي وڌائڻ تي زور ڏنو. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ قازقستان لاڳاپن جي حقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ مختلف اداراجاتي مڪينزم جي باقاعده اجلاس جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم واپار، علائقائي رابطن ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.