اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايران جي سفارتخاني جو دورو ڪيو جتي هن ايران ۾ هيليڪاپٽر حا??ثي ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر جو ايراني صدر جي شهادت تي پا??ستاني حڪومت ۽ عوام پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پوري قوم ايراني صدر جي شهادت تي ڏکويل آهي، ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ??ک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ايراني صدر جي شهادت اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ عظيم نقصان آهي، صدر ابراهيم رئي??ي هڪ نيڪ انسان، عالم ۽ پا??ستان جو عظيم دوست هو، صدر ابراهيم رئيسي جي شهادت سان مسلمان امت هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿيو ئي آهي. وقتي صدر پا??ستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مغدم سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پا??ستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي رابطي تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا ۽ پارلياماني مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پا??ستان ۾ مقرر ايران جي سفير چيو ته پا??ستان ۽ ايران جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، پا??ستان سان لاڳاپن جو فروغ ايران جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي جز آهي، ايران جي سپريم ليڊر پا??ستان سان لاڳاپن جي فروغ تي خصوصي زور ڏنو. هن چيو ته مرحوم صدر رئيسي جو پا??ستان جو تازو دورو ان ڏس ۾ هو. ايراني سفير تعزيتي پيغامن، ايراني عوام جي ??ک ۾ شريڪ ٿ??ڻ تي پا??ستاني عوام ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايراني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ??تاب ۾ تعزيتي تاثر پڻ لکيا.