اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت تماڪ جي استعمال کي روڪڻ جي ل??ءِ سخت قدم کنيا آ??ن، ملڪ مان تماڪ جي واهپي جي مڪمل خاتمي جي ل??ءِ تماڪ جي پيداوار ۽ استعمال کي گهٽ ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تماڪ جي واهپي جي خاتمي جي عا??مي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته تماڪ جي واهپي جي خاتمي جو عا??مي ڏينهن اسان سڀني جي ل??ءِ عوامي صحت تي تماڪ جي واهپي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سا?? گڏيل ڪوششن بابت هڪ ياد ڏياري ٿو، تماڪ جي واهپي جي خاتمي جي عا??مي ڏينهن جي هن سال جو موضوع ”تماڪ جي صنعت جي اثرن کان ٻارن جو تحفظ“ آهي جيڪو تماڪ واپرائڻ ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائي اسان جي ايندڙ نسلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ تي مرڪوز آهي. هن چيو ته تماڪ واپرائڻ نه رڳو انهن انهن ماڻهن جي صحت تي اثرانداز ٿئي ٿي جيڪي ان کي استعمال ڪن ٿا پر اهو تماڪ واپرائيندڙن جي ويجهو رهندڙ ماڻهن جي صحت جي ل??ءِ پڻ نقصانڪار آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي انهن 15 ملڪن ۾ ٿئي ٿو جتي هڪ وڏي انگ ۾ ماڻهو تماڪ واپرائڻ کان متاثر آهن ۽ تماڪ واپرائڻ جي ڪري ڪينسر، دل جي مرضن، ذيابيطس ۽ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آ??ن، حڪومت تماڪ جي استعمال کي روڪڻ جي ل??ءِ سخت قدم کنيا آ??ن جن ۾ سگريٽ جي دٻين تي تماڪ واپرائڻ جي صحت تي مضر اثرن بابت وارننگز لڳائڻ، کليل سگريٽن جي وڪري تي پابندي، پوائنٽ آف سيل تي سگريٽ جي اشتهارن تي پابندي ۽ تماڪ تي ٽيڪس ۾ اضافو شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان مان تماڪ واپرائڻ جي مڪمل خاتمي جي ل??ءِ تماڪ جي پيداوار ۽ استعمال ٻنهي کي گهٽ ڪرڻو پوندو، ان حوالي سان تماڪ جي استعمال جي حوصلا شڪني جي ل??ءِ سگريٽ تي اسان ٽيڪس کي 150 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيو آهي. وڌيڪ اهو ته تماڪ ۽ سگريٽ جي هر قسم جي تشهير بشمول قومي ٽي وي، ريڊيو، پرنٽ ميڊيا، بل بورڊز، پوائنٽ آف سيل ايڊورٽائيزنگ ممنوع آهي، سگريٽ ڪمپنين جي اسپانسرشپ ۽ اهڙي طرح جي اسپانسرشپ جي تشهير تي پڻ پابنديون هنيون آهن. هن چيو ته آئون سول سوسائٽي، پيشيواراڻي تنظيمن، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي اسان جي معاشري مان ان لعنت جي خاتمي جي ل??ءِ اسان جي قومي ڪوششن ۾ تعاون ڪن، تماڪ واپرائڻ کي رد ڪري اسان هڪ صحتمند ۽ وڌيڪ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ”سگريٽ ڇڪڻ کي نه“ چوڻ جو عزم ڪريون ۽ تماڪ کان پاڪ پاڪستان جي تعمير جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪريون.