شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان شي – آن ۾ شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪ??يٽ??ي) جائو ايدا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وز??راعظم پاڪستان ۽ شانسي جي وچ ۾ زراعت، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ تعاون جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پيٽروليم واري وز??ر ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب جائو ايدا شانسي جي قيادت ۽ عوام پاران وز??راعظم ۽ پاڪستاني وفد جي آجيان ڪئي. وز??راعظم چيو ته شي – آن جي قيادت ۽ ان جي عوام جي پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال تي ٿورائتا آهيون. وز??راعظم چيو ته شي – آن ۾ تاريخي جاين کي ڏسي چيني ڪاريگرن جي هنرمندي متاثر ڪيو، چيني حڪومت خاص طور تي شانسي جي حڪومت بهترين طور تي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪئي آهي. وز??راعظم چيو ته اسان جي چين جي دوري دوران پاڪستاني فود کي تاريخي استقبال ڏنو ويو، گذريل ڏينهن چيني اعليٰ قيادت سان ڪا??ياب ملاقات رهي. وز??راعظم چيو ته صدي شي جن پنگ شاندار آجياڻي جو اهتمام ڪيو ۽ ان تي خوشگوار ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي، پاڪستان ۽ چين ٻه مضبوط ڀاءُ آهن جن جي حصيداري، تعاون ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، چين پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي جنهن جي لاءِ مون سميت پوري قوم ٿورائتي آهي. وز??راعظم چيو ته شانسي ڪوويڊ 19 دوران پاڪستانين جي ڀرپور مدد ڪئي، چيني قيادت جي ترقي پسنداڻي سوچ چين کي دنيا جي وڏي اقتصادي قوت بڻايو، شانسي جديد زراعت ۽ گرين انرجي ۾ پوري دنيا ۾ مثالي نالو رکي ٿو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ شانسي جي وچ ۾ زراعت ۾ تعاون جي دعوت ڏيان ٿو، پاڪستان شانسي کان جديد زراعت ۽ گرين انرجي جي شعبي مان تمام گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. وز??راعظم چيو ته حڪومت نه رڳو جديد زراعت پر زرعي جنسن جي پراسيسنگ سان ان جي روانگي واپار جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ آهي. جائو ايدا وز??راعظم کي شانسي ۽ شي – آن جي اقتصاديات ۽ مصنوعات جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. جائو ايدا چيو ته پاڪستان ۽ شانسي جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، شانسي جي حڪومت پاڪستان جي زراعت ۽ گرين انرجي جي حوالي سان هر قسم جي معاونت جي لاءِ تيار آهي، توهان جي چيني قيادت سان ملاقاتون ڪا??ياب ۽ لاڀائتيون رهيون جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. جائو ايدا چيو ته شي – آن جي يونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم پرائي رهيو آهي، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گهرا ۽ مضبوط آهن. ملاقات کانپوءِ جائو ايدا وز??راعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏ??و. ??لاقات ۾ وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ شريڪ هئا.