اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) جو دورو ڪيو. وزيراعظم ۽ چيئرمين گيٽس فائونڊيشن اين اي او سي جي مختلف حصن جو دورو ڪيو جتي ماهرن کين اداري جي آپريشنز بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين لفيٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ شرڪت ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي ۽ اين اي او سي بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني جنهن ۾ قدرتي آفتن ۽ انساني سرگرمين جي ڪري پيدا ٿيندڙ واقعن سميت ڪنهن به آفت جي اڳڪٿي ۽ ان کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ اڳ ۽ بعد جا عمل شامل آهن. چيئرمين گيٽس فائونڊيشن اين اي او سي ۾ جديد ترين سهولتن کي سار??هي?? ۽ آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ن??ين سر تعمير ۽ بحالي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ انهن جي اڳڪٿين جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان اهم شعبي کي ترجيح ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي ڪوششن کي ??ڻ سار??هي??. ان کانپوءِ وزيراعظم، چيئرمين گيٽس فائونڊيشن، اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي م??سم??اتي تبديلي واري ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، ??نٽ?? پرينيورز، م??سم??اتي تبديلي جي ڪارڪنن ۽ ماهرن هڪ ??نٽ??يڪٽو اجلاس ۾ پڻ حصو ورتو. اجلاس ۾ صحت، غذائي تحفظ، صنفي توازن، بيمارين جي روڪٿام، م??سم??اتي تبديلي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، موسم سان ٺهڪندڙ زراعت ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن جي حوالي سان جديد قدمن ۽ خصوصي طور تي پاڪستان جي ماحول موجب تيار حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات گيٽس فائونڊيشن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل تعاون سان مسئلن جي حل جي لاءِ تعاون جي پختي عزم سان پڄاڻي تي پهتي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس جا ٿورا مڃيا ته هو پاڪستان جي ڪيترن ئي شعبن ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن سان عام ماڻهو کي ??ائدو پهچندو.