اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ آبادي جو عالمي ڏينهن 11 جولاءِ خميس ڏينهن ملهايو ويندو. انسان ج?? شروعات کان 1800 عيسوي تائين انساني آبادي جو انگ هڪ ارب ٿيڻ ۾ هزارين سال لڳا. پر 1920ع جي ڏهاڪي ۾ آبادي 2 ارب تائين پهچي وئي، يعني ان کي ٻيڻو ٿيڻ ۾ صرف 120 سال لڳا. ان کانسواءِ 50 سال بعد 1970ع جي ڏهاڪي ۾ آبادي ٻيڻي يعني چار ارب ٿي وئي. دنيا ??ي آبادي 8 ارب 10 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي. هن وقت دنيا ۾ انساني آبادي ۾ روزانو اڍائي لک جو اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو ساليانو بنياد تي جرمني جي ڪل آبادي جي برابر آهي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عالمي آبادي ۾ اضافي ۽ ان ج?? ??ثر?? طرف ڌيان ڇڪائڻ آهي، جڏهن ته آبادي جو عالمي ڏينهن پائيدار ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ آبادي ۾ اضافي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿو. گڏيل قومن پاران آبادي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي منظوري 1989 ?? ۾ ڏني وئي هئي جنهن کان پوءِ هر سال اهو ڏينهن 11 جولاءِ تي دنيا ??ي مختلف ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن ج?? مناسبت سان مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا جن ۾ عالمي طور تي آبادي ۾ اضافي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ انهن ج?? حل تي روشني وڌي ويندي جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ??ي خاص مواد شايع ۽ پروگرام نشر ڪيا ويندا.