لاهور -11 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آه??، ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين، پاڪستان جي اقليتن تي اسان کي فخر آه??، پاڪستاني جهنڊي ۾ اڇو رنگ اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتن جو ڪردار هميشه هاڪاري رهيو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماڊل ٽائون ۾ اقليتن جي ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ حڪومت هر فورم تي آواز اٿاريندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي واضح هدايت آه?? ته اسان اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر به ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. اقليتن جي حقن لاءِ هر جاءِ تي آواز اٿارينداسين، حڪو??ت توهان جي حقن جي تحفظ جي ضامن آه??. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مون کي لاهور مان ايم اين اي جي ٽڪيٽ ڏني ۽ منهنجو ان تڪ سان تعلق آه??، جتي 70 هزار عيسائي ووٽرز جو مان نمائندو آه??ان ۽ مون کي پنهنجي تڪ مان جيتري محبت ان ڪميونٽي مان م??ي آه??، ڪنهن ٻئي مان نه. هن چيو ته اسيمبلي ۾ به جڏهن ڪو واقعو هجي يا ڪميونٽي ٿورو خوف محسوس ڪري ته اسان اتي به انهن جو حوصلو وڌائيندا آه??ون ۽ انهن جو آواز اٿاريندا آه??ون. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير ۽ وزيراعظم طور هم آه??گي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هميشه رواداري جو پيغام ڏنو آه??. سمورين اقليتن ۽ آرمڊ فورسز جي آفيسرن جو ٿورائتو آه??ان، جيڪي اسان جي دعوت تي هتي آيا. اسان کي توهان تي فخر آه??، پاڪستان زنده باد، پاڪستان جون اقليتون پائيندا باد. وفاقي وزير تقريب ۾ هڪ سک شا??ر جو شعر به پڙهيو.