ڪوئيٽا – 13 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ قومي ا??يمبلي جو اسپيڪر سردار اياز ??ادق جشن آزادي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪوئيٽا په??ي ويا آهن. ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، قومي ا??يمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ??ادق ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال جو استقبال وڏي وزير مير سرفر??ز بگٽي، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي، قومي ا??يمبلي ميمبر جمال شاهه ڪاڪڙ، صوبائي وزيرن بخت محمد ڪاڪڙ، راحيلا حميد دراني، حاجي علي مدد جتڪ ڪيو. نائب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ 14 آگسٽ جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو ۽ گورنر، وڏي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو.