اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري معاشري جي محروم ۽ پٺتي پيل طبقي کي مفت طبي ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ کي پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريندي ضرورتمند ماڻهن کي پهچ جوڳي صحت جي سهولتن تي ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر دينا خان جي ق??ادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. صدر چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ق??م جي لاءِ خدمتن تي پوري ق??م سندس مقروض آهي. ڊاڪٽر دينا خان صدر کي عوام کي طبي خدمتن جي فراهمي ۾ اسپتال جي ڪارڪرد??ي بابت آ??اه?? ڪيو. وفد صدر کي ٽرسٽ کي درپيش مسئلن کان پڻ آ??اه?? ڪيو. وفد چيو ته اڳوڻي ٽرسٽيز مالي غبن ڪيو ۽ ٽرسٽ جي اڪائونٽس جو غلط استعمال ڪيو. صدر آصف علي زرداري وفد کي انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. صدر ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ جي خدمتن ۽ ماڻهن پاران عطين کي ساراهيو.