اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي عيد ميلادالنبي صلي ا??له عليه وآله وسلم جي ڏهاڙيءَ جي موقعي تي پوري قوم ۽ مسلم اُمت کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آه?? ته ا??له تعاليٰ اسان کي حضور اڪرم صلي ا??له عليه وآله وسلم جي صوت ۾ هڪ عظيم نعمت سان نوازيو آه?? جيڪا پوري ڪائنات لاءِ رحمت جو سبب آه??. گهرو وزير چيو ته حضور اڪرم صلي ا??له عليه وآله وسلم بهترين وصفن ۽ قدرن جا مظهر آه??. هن چيو ته حضور اڪرم صلي ا??له عليه وآله وسلم جي تعليمات اسان لاءِ بهترين نمونو آه??، پاڻ سڳورن صلي ا??له عليه وآله وسلم جي جي اچڻ سان سڄي دنيا روشن ٿي ۽ بي سهارا ماڻهن کي پناهه ڏني. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورن مسلمانن جي ڪاميابي جي ڪُنجي رسول ا??له صلي ا??له عليه وآله وسلم جي تعليمات تي عمل ڪرڻ سان ئي آه??. هن ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته حضرت محمد صلي ا??له عليه وآله وسلم هڪ مثالي سماجي، سياسي ۽ معاشي نظام پيش ڪيو، جيڪو دنيا لاءِ روشني جو مينار آه??. گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مسلم اُمت کي درپيش مسئلن جو حل سيرت النبي صلي ا??له عليه وآله وسلم ۾ لِڪل آه??. هن چيو ته حضور اڪرم صلي ا??له عليه وآله وسلم جي زندگي همدردي، رواداري، اتحاد ۽ ڀائيچاري جي روشن مثال آه??. رسول ا??له صلي ا??له عليه وآله وسلم امن، انسانيت جي احترام، مساوات، عفو ۽ درگذار ۽ انصاف جو درس ڏنو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حقيقي ترقي، خوشحالي، امن ۽ استحڪام صرف حضور اڪرم صلي ا??له عليه وآله وسلم جي تعليمات تي صحيح معنائن ۾ ع??ل ڪرڻ سان حاصل ٿي سگهي ٿي. هن دُعا ڪئي ته ا??له تعاليٰ اسان کي حضور اڪرم صلي ا??له عليه وآله وسلم جي تعليمات تي صحيح معنائن ۾ ع??ل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ اسان جي وطن کي امن جو گهوارو بڻائي.