اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي ترڪمانستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب صدر اشڪ آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ”وقت ۽ تهذيب جا گڏيل لاڳاپا – امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي موضوع تي عالمي ف??رم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جو دورو ڪندو، عالمي ف??رم جو انعقاد ترڪمانستان جي ??ظي?? مفڪر، شاعر ۽ فلسفي مگتيمگلي فراگي جي 300هين جنم ڏينهن جي موقعي ت?? ڪيو پيو وڃي. بيان موجب ف??رم ۾ صدر آصف علي زرداري خطي جي لاءِ امن، اتحاد ۽ ترقي جي قدرن جي ا??مي?? کي اجاگر ڪندو. اميد آهي ت?? هو ف??رم جي موقعي ت?? ترڪمان قيادت سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.