اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چي?? آهي ته لياقت علي خان جي ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، لياقت علي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس شمار قائداعظم محمد علي جناح جي انتهائي بااعتماد ۽ مخلص ساٿين ۾ ٿئي ٿو، شهي?? ملت ۽ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چي?? ته شهي?? ملت لياقت علي خان جي ورسي جي موقعي تي قوم ۽ ملڪ لاءِ پيش ڪيل قربانين ۽ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چي?? ته شهي?? ملت لياقت علي خان تحريڪ پاڪستان جي سرگرم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جو ساٿي هو. اسپيڪر چي?? ته لياقت علي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هن پاڪستان جي وزيراعظم طور ملڪ جي بنيادن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ قوم کي متحد ڪرڻ لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. شهي?? ملت اصولن ۽ نظرين تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي آزادي، سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. اسپيڪر چي?? ته پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ ۾ اسان کي لياقت علي خان جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر لياقت علي خان جي ورسي کي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد سان ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چي?? ته شهي?? ملت کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس مشن کي اڳتي وڌائيندي ملڪ ۽ قوم ج?? خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن الله تعاليٰ کان لياقت علي خان جي درجن ج?? بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي.