اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ??يو آهي ته نان پاڪستان??ن کي ڪنهن به قسم جو سڃاڻپ ڪارڊ يا پاسپ??رٽ جاري نه ٿو ڪيو وڃي، ان حوالي سان قانون موجود آهن، ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ جي حوالي سان متحرڪ آهي، اسلام آباد جي ڪنهن هڪ مخصوص سيڪٽر ۾ ڊيولپمينٽ چارجز لاڳو ناهن ڪيا ويا، ٻين سيڪٽرز ۾ به اهي چارجز هنيا ويا آهن، الاٽيز کي قسطن ۾ ادائيگي جي سهولت ڏني وئي آهي. هو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دو??ان قومي اسيمبلي جي مختلف ميمبرن جي ضمني سوالن تي جواب ڏئي رهيو هو. اسيمبلي ميمبر سحر ڪام??ان ۽ نور عالم خان جي ضمني سوالن جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته پاسپ??رٽ آفيس ۾ نوان اسڪينرز ۽ مشينون هنيون ويون آهن، پاسپ??رٽ جي پوري نظام کي بهتر ڪيو ويو آهي، افغان شهرين جي حوالي سان دستاويزن جي ٿري ٽيئر ليول تي اسڪروٽني ڪئي وڃي ٿي. هن ??يو ته پاسپ??رٽ جي حتمي جاري ڪرڻ کان اڳ سمورن دستاويزن جي نادرا جي ڊيٽابيس کان تصديق ڪئي وڃي ٿي، فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ (ايف آر سي) سان به پاسپ??رٽ جي تصديق ڪئي وڃي ٿي. هن ??يو ته فيڪ پاسپ??رٽ بابت اڃا تائين ڪو ڪيس رپ??رٽ ناهي ٿيو. هن واضح ڪيو ته جيڪو پاڪستاني نه آهي ان کي پاڪستان جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپ??رٽ نه ٿو جاري ڪيو وڃي ٿو، ان حوالي سان قانون موجود آهن. هن ??يو ته پاسپ??رٽ آفيس ۾ تصديق جو مڪمل مڪينزم موجود آهي، مڪمل پروف فراهم ڪرڻ کانپوءِ ئي پاسپ??رٽ ۽ نادرا مان سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ٿو. نادرا ۾ ايف آر سي جو نظام انهي ٺاهيو ويو هو ته پوري فيملي جي تصديق ٿي سگهي. هن ??يو ته معزز ميمبر وٽ ڪو مخصوص ڪيس آهي ته ٻڌائي، ان جو نوٽيس ورتو ويندو. قومي اسيمبلي ميمبرن شرميلا فاروقي ۽ عبدالقادر پٽيل جي ضمني سوالن تي هن ??يو ته 29 اپريل 2024ع تي ن??شن?? سائبر ڪرائيم انويسٽي گيشن ايجنسي جا رولز ٺاهيا ويا هئا، ريگيولر چيئرمين ۽ ٻين عهديدارن جي مقرري جي حوالي سان معاملا غور هيٺ آهن، ايندڙ ٻن مهينن دو??ان ان کي حتمي شڪل ڏني ويندي. هن ??يو ته سائبر ڪرائيم ونگ ايف آءِ اي تحت ڪم ڪري رهيو آهي، سائبر ڪرائيم جي ڪيس تي پيڪا ايڪٽ تحت ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري ٿي. هن ??يو ته هڪ سياسي پارٽي ڀرپور ڪوشش ڪئي ته شاگردن جي ذريعي امن امان کي خراب ڪيو وڃي، پنجاب جي وزيراعليٰ ڀرپور پريس ڪانفرنس ڪئي آهي ۽ عوام جي سامهون سموريون حقيقتون رکيون آهن. هن ??يو ته هتڪ عزت جو قانون پنجاب حڪومت ٺاهيو هو، ان تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. قومي اسيمبلي ميمبر شائسته پرويز جي ضمني سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ??يو ته گهرو وزارت تحت سي ڊي اي راول ڊيم جي صفائي مهم شروع ڪئي، پنجاب حڪومت جي تعاون سان سي ڊي اي صفائي جي مهم هلائي ٿو، راول ڊيم اسپورٽس جون سرگرميون پڻ منعقد ڪيون وڃن ٿيون، سي ڊي اي راول ڊيم تي سياحن جي لاءِ تفريحي جايون پڻ تيار ڪيون آهن. اسيمبلي ميمبرن شاهده رحماني، زهره ودود فاطمي ۽ نگهت شڪيل جي ضمني سوالن تي وفاقي وزير ??يو ته انساني اسمگلنگ ۾ نه رڳو مرد پر عورتون ۽ ٻار به متاثر ٿين ٿا، انساني اسمگلنگ جي حوالي سان قانون موجود آهن، آگاهي مهم به هلائي پئي وڃي. هن ??يو ته ايف آءِ اي به انساني اسمگلنگ جي حوالي سان متحرڪ آهي، قانون ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ تجويزون ڏيون، انهن تي عملدرآمد ڪنداسين. هن ??يو ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبن ۾ انساني اسمگلنگ جا معاملا صوبائي سبجيڪٽ آهن، صوبن ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام صوبن جي ذميواري آهي، سرحدن ۽ هوائي اڏن جي ذريعي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام وفاق جي ذميواري آهي. هن ??يو ته قانونسازي کي موثر بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪري سگهجي ٿو، صوبائي معاملن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهجي. هن ??يو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گروهن جي خلاف ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري رهي آهي. وفاقي وزير ??يو ته امن امان ۽ دهشتگردي جي حوالي سان ن??شن?? ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ن??شن?? ايڪشن پلان جو جائزو ورتو وڃي ٿو، چئني صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز ايپڪس ڪميٽي ۾ موجود هوندا آهن. هن ??يو ته ن??شن?? ايپڪس ڪميٽي جي ايجنڊا ۾ بين الصوبائي انساني اسمگلنگ جو معاملو شامل ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ميمبرن مهرين رزاق ڀٽو، ملڪ ابرار، سيد جاويد علي شاهه ۽ ڊاڪٽر طارق فضل جي ضمني سوالن جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته رڳو سيڪٽر اي اليون ۾ ڊيولپمينٽ چارجز لاڳو ناهن ڪيا ويا، سي 14، سي 15 ۽ 16 ۾ به ڊيولپمينٽ چارجز هنيا ويا آهن، ترقياتي ڪمن کانپوءِ انهن سيڪٽرز ۾ پلاٽن جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيندو، الاٽيز کي قسطن ۾ ڊيولپمينٽ چارجز جي ادائيگي جي سهولت ڏني وئي آهي. ڊيولپمينٽ چارجز انهي لاءِ لاڳو ڪيا ويا آهن ته بجلي، رستن، پاڻي ۽ سيني ٽيشن جي معاملن کي حل ڪري سگهجي. هن ??يو ته الاٽيز جي وڌيڪ سهولت لاءِ سي ڊي اي کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته اها ان حوالي سان ڪميٽي قائم ڪري، ڪميٽي ۾ اصل الاٽيز جي حوالي سان به ٽي او آرز ٺاهڻ جي هدايت ڪئي پئي وڃي، ڪوشش هوندي ته سي ڊي اي اڄ ئي ڪميٽي نوٽيفاءِ ڪري. هن ??يو ته اوورسيز پاڪستانيز جي لاءِ اوورسيز پاڪستاني فائونڊيشن موجود آهي، مناسب هوندو ته او پي ايف اوورسيز پاڪستانين جي معاملن کي ڊيل ڪري. هن ??يو ته ماڊل وليج پروگرام سان اسلام آباد جي ڳوٺن ۾ سهولتون فراهم ڪيون ويون، سيدپور ڳوٺ ۾ سياحن جي دلچسپي جي لاءِ قدم کنيا ويا. علي پور فراش ۾ لو ڪاسٽ هائوسنگ پراجيڪٽ بابت ضمني سوال تي هن ??يو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي علي پور فراش ۾ لو ڪاسٽ هائوسنگ پراجيڪٽ جي وقت سر ادائيگيون نه ڪيون، اهو منصوبو 66 سيڪڙو مڪمل آهي، بهتر آهي اهو معاملو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي جنهن تي اسپيڪر اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته مارگلا روڊ جي بري امام تائين توسيع تي ڪم جاري آهي، گهرو وزارت سيرينا کان جناح ڪنوينشن سينٽر تائين انڊر پاس تجويز ڪيو آهي، فلاءِ اوور ۽ انڊر پاسز جو مڪمل منصوبو ٺاهيو پيو وڃي جنهن جو جلد پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو. هن ??يو ته ايس سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٻن مهينن جي مختصر مدي ۾ سي ڊي اي رنگ روغن جو ڪم سرانجام ڏنو، سي ڊي اي جي سٺي ڪمن کي ساراهڻ گهرجي.