اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ”ڪارو ڏينهن“ ملهايو ويندو، اهو ڏينهن ڀارتي فوجين جي سرينگر ۾ داخل ٿيڻ جي 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي بطور ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڪش??يري عوام ڪڏهن به پنهنجي سرزمين تي ڀارتي قبضي ۽ خودمختياري ج?? حق کان مسلسل انڪار کي قبول ناهي ڪيو. ترجمان چيو ته ڪش??يرين جون ??هاڪن جي قبضي ۽ ڏاڍ جي باوجود پنهنج?? حقن ۽ آزادي جي لاءِ انهن جون امنگون زنده?? آهن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪش??يرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.