اسلام آباد -30 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ڪي پي ڪي جي اسيمبلي ۾ ڊيره اسماعيل خان مان چونڊيل ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي پارلياماني ليڊر احمد ڪريم ڪنڊي به ساڻس گڏ هو. گورنر چشمه ليفٽ ڪينال ۾ اسلامڪ ڊ??لپمينٽ بئنڪ جي ڪردار کي ساراه??ند?? چيو ته سعودي حڪومت، سعودي سفير ۽ اسلامڪ ڊ??لپمينٽ بئنڪ جو ٿورو ادا ڪيان ٿو. گورنر چيو ته هي منص??بو صرف ڊيره اسماعيل خان ۽ ڪي پي ڪي لاءِ ئي نه پ?? پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو منص??بو آهي جنهن سان هن خطي ۾ زرعي انقلاب ا??ند?? ۽ معاشي ترقي جا نوان رستا کلندا.