اسلام ??با?? – 04 – نومبر (اي پي پي) ايران جو ??رڏيهي وزير سيد عباس عراغچي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ سومر ڏينهن پاڪستان پهچي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايران جو ??رڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير عراغچي وچ اوڀر جي صورتحال ۽ پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن ت?? مشاورت ڪندو. بيان موجب هي دورو پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار، توانائي ۽ سلامتي سميت وسيع شعبن ۾ تعاون ۽ ڳالهه ٻول??ه کي اڳتي وڌائڻ جو ??ڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو.