پشاور- 06 نومبر (اي پي پي)سيد فخر جهان خيبر پختونخوا جي صوبائي وزير جي ح??ثيت سان حلف کڻي ورتو. حلف برداري تقريب گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد ٿي. گورنر هائوس پشاور مان جاري پڌرائي مطابق تقريب ۾ خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سيد فخر جهان کان صوبائي وزير جي ح??ثيت سان هن کان عهدي جو حلف ورتو. تقريب ۾ وڏي وزير سردار علي امين خان گنڊاپور، صوبائي ??اب??نه جي ميمبرن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، انسپڪٽر جنرل پوليس اختر حيات خ??ن گنڊاپور، ڪمشنر پشاور ڊويزن رياض محسود، انتظامي کاتن جي سربراهن سميت ٻين سياسي، سماجي شخصيتن ۽ لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي.گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سيد فخر جهان کي مبارڪون ڏنيون ۽ هن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.