سرگوڌا – 07 – نومبر (اي پي پي) اي??وسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ سرگوڌا يونيورسٽي ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿيون آهن جنهن تحت سرگوڌا يونيورسٽي جي شاگردن کي اي پي پي ۾ انٽرن شپ ڏني ويندي جڏهن ته ٻئي ادارا گڏجي مختلف ??ريننگ ورڪشاپس منعقد ڪندا. سرگوڌا يونيورسٽي ۾ منعقد ٿيل صحيحن واري تقريب ۾ اي??وسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ۽ سرگوڌا يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر قيصر عباس مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون.
جڏهن ته ان موقعي تي اي??وسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر يونيورسٽي ۾ صحافتي قدرن جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب پڻ ڪ??و جيڪو سرگوڌا يونيورسٽي جي ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ پاران منعقد ڪيو ويو هو.
ان موقعي تي اي پي پي ايمپلائيز يونين جو صدر خضر ملڪ، اي پي پي سرگوڌا اسٽيشن جو انچارج مخدوم ??ا??ه لطيف، ملڪ سليم اختر، راجا نديم اقبال ۽ ٻيا موجود هئا.