اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) موسمي??ت کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪ??ن آهي، جڏهن ته شام / رات ۾ گلگت بلتستان ۽ مٿ??نه??ن خيبر پختونخوا ۾ جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪ??ن آهي. خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۽ پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ سموگ/ ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ، جڏهن ته ص??ح ۽ رات جي وقت ۾ سخت ڪوهيڙو پوڻ جو امڪ??ن آهي. موسمي??ت کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهي. پنجاب جا اڪثر علائقا سموگ/ ڪوهيڙي هيٺ رهيا، جڏهن ته مٿ??نه??ن خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پ?? ليه ڪاٽو 01 ۽ ڪلام ۾ 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.