اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ خوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز ??ي خراج تحسين پيش ڪندي ڪارروائي دوران 3 خوارج کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ 2 کي زخمي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جا??ي بيان موجب صدر فتنه الخوارج جي مڪمل ??اتمي تائين سيڪيورٽي فورسز پا??ان ڪاررواي??ن جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.