اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري ميجر محمد اڪرم شهيد نشان حيدر کي 53هين ورسيءَ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صد?? آصف علي زرداري ميجر محمد اڪرم شهيد کي و??ن جي دفاع جي لاءِ 1971ع ۾ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي قوم پاران سلام پيش ڪيو. صد?? آصف علي زرداري ميجر محمد اڪرم شهيد جي حب الوطني جي جذ??ي ۽ قوم جي لاءِ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ميجر محمد اڪرم شهيد وطن جي لا??ِ عظيم قربان?? ڏني. صدر چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي احسانمند رهندي. صدر چيو ته قوم پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ انهن جي قربانين کي نه وساريندي. صدر شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.