اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئر مين محسن نقوي قذافي اس??يڊيم ۾ جاري نئين تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ اوچتو دورو ڪيو، 53 ڏينهن ۾ اس??يڊيم جو مجموعي طو?? تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو جنهن ۾ مين بلڊنگ جو اس??رڪچر 100 سيڪڙو، پويلين 90 سيڪڙو جڏهن ته انڪلوزرز جو تعميراتي ڪم 75 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. محسن نقوي کي ٻڌايو ويو ته ??ما??ائين جي سيٽن لاءِ اس??رڪچر جي تعمير ۽ خندقن جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي. پي سي بي چيئرمين پويلين فلورز تي ڪيل جاري ڪم جو جائزو ورتو ۽ خندقن جي ٻنهي پاسي گ??ل لڳائڻ جي هدايت ڪئي. هن قذافي اس??يڊيم جي نئين سر تعمير جي ڪم تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو . محسن نقوي جو چوڻ هو ته 10 آڪٽوبر تي قذافي اس??يڊيم جي نئين سر تعمير جي ڪم جي باقاعده شروعات ڪئي وئي هئي الحمد الله 53ڏينهن ۾ انتهائي تيز ۽ اعليٰ معيار سان ڪم ڪيو ويو ۽ ڏينهن رات ڪم جاري آهي.