اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ت?? هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مو??ب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رک??دو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انساني حقن جي عالمي منشور کي اختيار ڪرڻ جا 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي ت?? اسان ڀارت جي غيرقانوني ط??ر تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي ڀارتي قابض فوج جي هٿان وڏي پئماني ت?? انساني حقن جي خلاف ورزين جو شڪار آهن. هن چيو ته انساني حقن جي ڏينهن جي لاءِ هن سال جو موضوع ”اسان جا حق، اسان جو مستقبل، هاڻي“ خاص ط??ر تي ڀارت جي غيرقانوني ط??ر تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي لاءِ موزون آهي. هن چيو ته اسان ڀارت تي زور ڀريون ٿا ته هو ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين کي دٻائڻ بند ڪري ت?? جيئن اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهن.