سيوهڻ ش????ف- 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سيوهڻ ش??يف ۾ سخي لعل شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڏني، چادر چاڙهي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دع?? ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري جي سخي لعل شهباز قلندر جي مزار تي حاضري جي موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقامي قيادت به موجود هئي.صدر مملڪت سيوهڻ ش??يف ۾ لعل شهباز قلندر جي مزار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ چادر چاڙهي. صدر آصف علي زرداري ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دع?? ڪئي.