اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفا??تي ۽ اخلاقي حمايت جا??ي رکندو، ڪشميرين جي سفير سان گڏ انهن جو ترجمان ۽ وڪيل پڻ بڻجندس، سلامتي ڪائونسل مان ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيا??ي رهنداسين، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تا??ين ڪشميرين سان گڏ رهنداسين. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي جا??راڻي ۽ غاصباڻي فوجي چڙهائي جي حوالي سان ڪاري ڏينهن موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن 72 سال اڳ ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاٿي، ان وقت جو ڀا??تي وزيراعظم جواهر لال نهرو گڏيل قومن ۾ پاڻ اهو مسئلو کڻي ويو، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڏنو ته ڪشميري پاڪستان يا ڀارت سان گڏ رهڻ جو فيصلو پاڻ ڪن پر ڪشميرين کي اڄ تا??ين اهو حق نه مليو.