اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 10 هون قومي م??لي??تي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت ۾ قائم اين ايف سي سيڪريٽريٽ پاران ج??ري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صدر 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل (1) 160 تحت 23 اپريل 2020ع کان 10 هون قومي م??لي??تي ڪميشن ايوارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ اين ايف سي ايوارڊ جو چيئرمين هوندو، سنڌ جو ناڻي وارو ??زير، پنجاب جو ناڻي وارو ??زير، بلوچستان جو ناڻي وارو ??زير، خيبرپختونخوا??ه جو ناڻي وارو ??زير ڪميشن ج?? ميمبر هوندا، ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار، طارق باجوه (پنجاب)، ڊاڪٽر اسد سعيد (سنڌ حڪومت)، مشرف رسول (خيبرپختونخواهه حڪومت)، جاويد جبار (بلوچستان حڪومت) شامل آهن، ناڻي وارو ??فاقي سيڪريٽري اين ايف سي جو سرڪاري ماهر (آفيشل ايڪسپرٽ) هوندو.