اسلام آب??د – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورو??ا جي 498 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 218 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا وي?? جنهن ۾ س??ڌ ۾ 8 هزار 155، پنجاب ۾ 8 هزار 725، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 285، اسلام آب??د ۾ 2 هزار 844، بلوچستان ۾ 807، گلگت بلتستان ۾ 301، آزاد ڪشمير ۾ 101 ٽيسٽ ڪيا وي??، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 82 هزار 268ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورو??ا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورو??ا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽي ليٽرز تي 90 ڪورو??ا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورو??ا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 909 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورو??ا جي مريضن جو تعداد 2 لک 97 هزار 512 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 306، بلوچستان ۾ 13 هزار 45، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 948، اسلام آب??د ۾ 15 هزار 714، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 414، پنجاب ۾ 97 هزار 44 ۽ س??ڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 41 مريض آهن.