اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريش?? سينٽر (اي?? سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آ??ن. اي?? سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 659 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 7 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ??ي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 33 هزار 901 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 687، پنجاب ۾ 11 هزار 678، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 330، اسلام آباد ۾ 4 هزار 985 ، بلوچستان هڪ هزار 29 ، گلگت بلتستان ۾ 518، آزاد ڪشمير ۾ 674 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 5 هزار 835 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 74 مريض آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 421 آهي. سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 21 هزار 877 آهي.