اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت منصوبن جي حوالي سان فوري اڳڀرائي تي خوش?? جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماضي ۾ انهن منصوبن جي حوالي سان غيرضروري دير ڪئي وئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي، سعودي عرب ??اڪ??تان جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ، قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ڊولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد جيڪو ??اڪ??تان جي دوري تي آهي، ان کي به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت ??ي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي سان 48 ڪلاڪن ۾ ??مو??يون رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن ??مو??ي ضروري ڪارروائي به مڪمل ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ان حوالي سان اڳڀرائي تي خوش?? جو اظهار ڪندي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان کي انه?? جوش، جذبي ۽ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ اسان سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي منصوبن جي حوالي سان غيرضروري دير ڪئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي. جڏهن ته هاڻي اسان کي انهي رفتار سان اڳتي وڌڻو آهي جنهن رفتار سان گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ آفيسرن جي ان گروپ ڪم ڪيو. اجلاس کي سعودي ڊولپمينٽ فنڊ جي منصوبن تي تازي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت مهمند ڊيم پراجيڪٽ، جاگران – IV پراجيڪٽ، شونٽر هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ گريويٽي فلو واٽر مانسهره پراجيڪٽ جي حوالي سان ??مو??ي ضروري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ معاهدن تي جلد صحيحون ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پلانٽ ۽ گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي حوالي سان ??مو??يون ڏکيائيون ختم ڪيون ويون آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نيلم ويلي روڊ جي هڪ سيڪشن ۽ ٻن ٽنلز جي تعمير جي لاءِ پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي. وڌيڪ اهو ته مالاڪنڊ ريجن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ حياسري اسپتال کي ضروري سامان ۽ فرنيچر جي فراهمي جي منصوبن جي حوالي سان پڻ ??مو??ا مسئلا حل ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ايبٽ آباد جي زلزلي کان متاثر علائقن جي بحالي جي حوالي سان سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ، ايرا، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اڪائونٽنٽ جنرل آفيس جي وچ ۾ ??مو??ا معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ ترلائي، اسلام آباد ۾ شاهه سلمان اسپتال جي تعمير جي حوالي سان تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. وزيراعظم سعودي وفد کي ??اڪ??تان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ديامير ڀاشا ڊيم ۾ فنڊنگ ڪرڻ جي ترغيب ڏني جنهن ??ي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد دلچسپ?? جو اظهار ڪيو. 17 آڪٽوبر 2022ع ??ي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد سان ملاقات ۾ وزيراعظم سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي منصوبن ۾ دير ??ي سخت نوٽيس وٺندي ??مو??ن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي هئي ته ان سلسلي ۾ ??مو??ي ضروري ڪارروائي وفد جي ??اڪ??تان ۾ موجودگي دوران پوري ڪري هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پرڏيهي معاملن سميت هر محاذ تي ??اڪ??تان جو ساٿ ڏنو آهي، سعودي قيادت پاران ??اڪ??تان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيراعظم چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب ??اڪ??تان جي هر ممڪن مدد ڪئي. هن ان سلسلي ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ??اڪ??تان جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ ۽ قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي صورت ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي ??اڪ??تان جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي آهي ۽ اسان هر طريقي سان سعودي عرب جي حمايت جاري رکنداسين. سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ وفد جي قيادت سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي جنرل ڊائريڪٽر ايشيا ڊاڪٽر سعود اي ايشمري ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهانزيب خان، ??اڪ??تان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد جي مان ۾ مانجهاند?? جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.