اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ججن جي مقرري جي منظور?? ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس اطهر من الله، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد وحيد جي سپريم ڪورٽ جي جج ??ور مقرري جي منظور?? ڏئي ڇڏي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس عامر فاروق جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ??ور مقرري جي پڻ منظوري ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مقررين جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ڏني ??هي.