اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب ڪابينا جي اجلاس جي شروع ۾ وزيراعظم شهباز شريف سمورن وفاقي وزيرن جا پنهنجي بيماري دوران عيادت، نيڪ خواهشن ۽ صحتيابي لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ناڻي واري وفاقي وزير، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن، موسمياتي تبديلين واري وزير، مواصلات واري وزير، توانائي واري وزير، اين ڊي ايم اي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ متاثرين جي لاءِ ريليف ۽ بح??لي جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ اي??دڙ ٻوڏ ۾ نقصانن کي عالمي فورم ڪوپ 27 ۾ ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ موسمياتي تبديلين واري وزير شيري رحمان جي ڪوششن کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿي??دڙ نقصانن تي عالمي برادري پاران نقصانن از??لي لاءِ مدد جي خاطري ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن خطرن ۾ ورتل ملڪن جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميجز فنڊ قائم ڪرڻ کي پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي وڏ?? فتح قرار ڏنو. ڪابينا وزيراعظم جي سيڪريٽري سيد ت??قي?? شاهه جي والده جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ان کانسواءِ ڪابينا قانون لاڳو ڪ??دڙ ادارن جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿي??دڙ اهلڪارن جي مغفرت لاءِ دعا به ڪئي.