اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوراب بلوچستان ۾ زمين حاصل ڪندڙ متاثرين کي معاوضي جي 4 ??ال?? کان عدم ادائيگي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏيندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اپيل رد ??ري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بلوچستان جي زمين حاصل ڪرڻ جي 23 متاثرين کي چئن ??ال?? تائين معاوضي جي عدم ادائيگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن معاوضو ادا ڪرڻ ۾ دير جي ذميوار آفيسرن، اهلڪارن جي خلاف انڪوائري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ پيش ڪري. صدر چيو ته اٿارٽي وضاحت ??ري ته محتسب جي حڪمن جي تعميل ڇو نه ڪئي وئي. هن چيو ته اٿارٽي چئن ??ال?? جي دير کانپوءِ ايڪنڪ جي منظوري جي لاءِ ڪيس شروع ڪيو، معاملو دير سان موڪلڻ تي شهرين کي ا??ائيگي ۾ دير ٿي. صدر چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي لاپرواهي بلڪل واضح آهي. صدر چيو ته اٿارٽي 1894ع جي لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ تي عمل نه ڪيو، ايجنسي جي قانوني ذميواري آهي ته اها ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر کي معاوضي جا فنڊ جمع ڪرائي. هن چيو ته اٿارٽي زمين کي حاصل ڪرڻ دوران نقصان جي ا??ائيگي ۾ ناڪام رهي، شڪايتن جي چئن ??ال?? کانپوءِ دير سان ڪيس شروع ڪرڻ بدانتظامي جي برابر آهي. تفصيل موجب سوراب بلوچستان جي 23 شهرين کان اٿارٽي روڊ جي تعمير جي لاءِ زرعي زمين حاصل ڪئي، روڊ مڪمل ٿيڻ جي باوجود زمين جي معاوضي جي رقم شهرين کي ا??ا نه ڪئي وئي، جنهن تي شهرين اٿارٽي کان معاوضي جي درخواست ڪئي پر ڪو به فائدو نه ٿيو، ريليف نه ملڻ تي بلوچستان جي شهرين وفاقي محتسب کي درخواست ڪئي، وفاقي محتسب اٿارٽي جي حڪمن جي خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو، جنهن کي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي صدر آڏو چئلينج ڪيو، صدر نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي درخواست کي مڪمل طور غلط قرار ڏئي رد ??ري ڇڏيو.