اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين جي نه هون??ي. ??هڙي طرح زنا، چوري، ڌاڙي، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي پڻ سزائن ۾ گهٽتائي لاڳو نه ٿيندي. وڌيڪ اهو ته سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. 65 س??لن کان وڌيڪ عمر جا مرد قيدي جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 س??لن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪيون آهن، انهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳ?? هون??ي. ??هڙي طرح 18 س??لن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳ?? هون??ي. ??در سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.