رديگ – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مند – پشين سرحد (پاڪستان ايران سرحد) جي ??وري جي لاءِ رديگ (مند تعلقو) پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي دوري دوران بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو. ٻنهي اڳواڻ مارڪيٽ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ ٻ??ٽو به پوکيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي ??زير انجني??ر خرم دستگير پڻ موجود هئا.