اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته سوڊان مان هڪ هزار پاڪستانين جو خرط??م ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اڻٿڪ ڪوششن سان حفاظت سان انخلا عمل ۾ آندو ويو آهي. پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سوڊان ۾ پاڪستان جي سفير مير بهروز ريگي جي قيادت ۾ پاڪستانين جي انخلا جي عمل کي سعودي عرب ۽ چين جي مدد سان جده ۽ اسلام آباد ۾ اسان جي ٽيمن جو تعاون حاصل رهيو جنهن جي نتيجي ۾ اسان ??اميابي سان حفاظت سان هڪ هزار پاڪستانين جو سوڊان مان انخلا عمل ۾ آندو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ان سان ??ڏ ئي سوڊان مان اسان جي انخلا جون ڪارروايون ختم ٿي ويون آهن. بيان ۾ وڌ??ڪ چيو ويو آهي ته آخري پاڪستاني جي حفاظت سان واپسي تائين جده رستي انخلا جو عمل جاري رهندو.