اسلام آباد – 06 –??ول??ءِ (اي پي پي) سوئس ڪنفيڊريشن جو پرڏيهي وزير فيڊرل ڪائونسلر اگنازيو ڪيسس 7 کان 9 ??ول??ءِ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، وفد ۾ سوئس پارليامينٽ جا ٽي ميمبر ۽ سينيئر عملدار شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ??لوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اگنازيو ڪيسس کي ??ن سال 9 جنوري تي ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي جنيوا ۾ ملاقات دوران پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي. اسلام آباد ۾ قيام دوران هو وزيراعظم ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان سان ملاقات ڪندو. هو اسلام آباد ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو دورو ڪندو جتي ڌريون ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.