اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي ??ي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف قوم کي نئين اسلامي سال جي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته دُعا آه?? ته هي نئون سال پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جو سال هجي، سيدنا امام حسين رضه الله عنه ۽ سندس جانثار ساٿين سچائي ۽ عدل ۽ انصاف جي اصولن کي برقرار رکڻ جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون. ڏا?? جي خلاف سندن پختي يقين، جرئت، قرباني ۽ لگ?? جو لازوال مثال آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هجري سال 1445هه جي شروعات تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته پوري قوم ۽ مسلمان امت کي منهنجي پاران نئون اسلامي سال مبارڪ هجي. منهنجي اها دعا آه?? ته هي نئون سال پاڪستان ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جو سال ثابت ٿئي. هن اها به دعا ڪئي ته هن نئين سال ۾ پوري دنيا ۾ جتي جتي به مسلمان مصيبتن جو شڪار آه?? انهن جي لاءِ الله رب العزت بي شمار آسانيون پيدا ڪري، ڪشمير ۽ فلسطين جي ماڻهن تي ڇانيل ظلم ۽ ڏا?? جي اونداهي ختم ٿئي ۽ اتي امن ۽ آشتي جي صبح روشني اسان جي مسلمان ڀينرن ڀائرن جي زندگي ترقي ۽ خوشحالي سان روشن ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته نئون اسلامي سال تاريخ جي انهن تلخ لمحن جي به ياد ڏياري ٿو جڏهن حق ۽ باطل جي معرڪي ۾ آل رسول ﷺ حضرت امام حسين رضه الله تعاليٰ عنه جي قيادت ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهندڙ دنيا تائين امر ٿي ويا. هن چيو ته سيدنا امام حسين رضه الله عنه ۽ سندس جانثار ساٿين سچائي ۽ عدل ۽ انصاف جي اصولن کي برقرار رکڻ جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون، ڏا?? جي خلاف انهن جي پختي يقين، جرئت، قرباني ۽ لگ?? جو لازوال مثال آه??، هي واقعو اسان کي همدرديءَ، انصاف ۽ اتحاد جي انهن قدرن جي ياد ڏياري ٿو جيڪي اسان جي ايمان جو مرڪزي جز آه?? ۽ اسان کي ناانصافي ۽ ڏا?? جي خلاف بيهڻ ۽ هڪ اهڙي معاشري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو درس ڏين ٿا جتي امن، هم آه??گي ۽ گڏيل احترام غالب هجي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اچو اسان وچن ڪريون ته اسان پنهنجي نبي محمد ﷺ۽ توهان جي صحابه پاران قائم ڪيل اعليٰ صفات جي تقليد ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اچو اسان پنهنجي اختلافن سان قطع نظر رواداري، افهام تفهيم ۽ هڪ ٻئي جي لاءِ احترام کي فروغ ڏيون، اچو هڪ اهڙي معاشري جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪريون جيڪو سماجي انصاف، برابري ۽ همدرديءَ جي اصولن کي برقرار رکي. منهنجي اڄ جي ڏينهن رب جي آڏو اها دعا آه?? ته جيئن هن ان هڪ سال جي گهٽ مدي ۾ پاڪستان جي لاءِ اسان جون محنتون ۽ رياضتون قبول ڪيون ۽ اسان جي معاشي مشڪلاتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ڪئي، ائين ئي هو پاڪستان کي سدائين جي لاءِ انهن مشڪلاتن مان ڪڍي، اسان جي پياري ملڪ کي ترقي ۽ معاشي خوشحالي جو گهرارو بڻائي، منهنجي اها به دعا آه?? ته هي نئون سال پاڪستان جي هر گهر ۾ برڪتون، امن ۽ خوشحالي آڻي ۽ اسان پنهنجي اختلافن کان مٿانهون ٿي هڪ قوم طور متحد ٿي وڃون ۽ پنهنجي پياري ملڪ جي روشن مستقبل جي لاءِ ڪم ڪريون، پاڪستان پائنده باد.