اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته ا??ان جي مسئلن جو حل معاشي پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ ۾ آهي، ملڪ جي معاشي ترقي ا??ان جي ڪاروباري برادري جي ڪارڪردگي ۽ پيداوار ??ان ڳنڍيل آهي. قومي ترقي بابت منهنجو تصور حصيداري سوچ ??ان جُڙيل آهي جنهن ۾ سموريون ڌريون پنهنجو حصو وجهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ ڪراچي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل ??ان ملاقاتن دوران واپاري برادري ??ان ڳالهه ٻولهه ۾ منهنجو پيغام اهو هو ته جيتوڻيڪ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها هڪ سازگار ماحول ۽ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري، پر ملڪ جي معاشي ترقي ا??ان جي ڪاروباري برادري جي ڪارڪردگي ۽ پيداوار ??ان ڳنڍيل آهي. واپار ۽ صنعت جي اڳواڻ هجڻ جي ناطي انهن کي ڪاروبار، جدت ۽ ج??ئتمداڻي سوچ جي ذريعي معيار کي بلند ڪرڻ ۽ وسيع اقتصادي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي 16 مهينن دوران معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ، مالياتي ??ظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائڻ ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي فريم ورڪ تحت اقتصادي تبديلي جي لاءِ سنگ بنياد رکڻ جي لاءِ کنيل قدمن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ان حقيقت کان انڪار نه آهي ته ا??ان جي ڪاروباري برادري سنگين مشڪلاتن جي باوجود ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي چئلينجن کي منهن ڏيندي انهن جي عزم ۽ حوصلي تي ا??ان کي فخر آهي.