اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، پاور سيڪٽر ۾ ج??ري سڌارن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف وزارتن جي اهم معاملن ۽ ملڪي معاشي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اعليٰ سرڪ??ري آفيسرن بشمول اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ??اڻي و??ري سيڪريٽري، پاور و??ري سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي معيشت ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن تي تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاور سيڪٽر ۾ ج??ري سڌارن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم هر شعبي ۾ ج??ري سڌارن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ملڪي معاشي پاليسين جو تسلسل قائم رکنداسين ۽ وڌيڪ اقتصادي بهتري آڻينداسين، عوامي ڀلائي جا منصوبا بنا رڪاوٽ ج??ري رهندا، خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل تحت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪ??ري وڌائڻ جي لاءِ قدم نگران حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن، پاور سيڪٽر ۾ ج??ري سڌارن تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڊي ريگيوليشن ۽ ذميوار خودمختي??ري تي ڌيان ڏيندي، نگران حڪومت پنهنجي محدود مدي ۾ سموريون توانائيون معيشت جي اصلاح تي لڳائيندي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ملڪي معاشي صورتحال تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.