اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته رياست ۽ عوام وچ ۾ اهڙي سماجي معاهدي تي يقين رکون ٿا، جتي حقن جو تحفظ هجي، ??مهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضامن آهي، هر ذميوار معاشري وانگر اسان به پنهنجي شهرين جي ڀلائي چاهيون ٿا، آمريڪا سان تعميري، ??ثرائتي ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداري چاهيون ٿا، موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان ??يجهو سهڪار آهي، پاڪستاني عوام باصلاحيت آهي ۽ موجوده بحرانن تي ضابطو آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. اهڙن خيالن جو هن هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن سان ??لاقات ۽ سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. نگران ??زيراعظم هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جي وزيراعظم آفيس آمد تي آجيان ڪئي. هن آمريڪي معاشري طرفان حاصل ڪيل اڳڀرائي کي ساراهيندي چيو ته آمريڪي معاشري ۾ تنوع ٻين ملڪن لاءِ هڪ مثال آهي، گذريل 200 سالن ۾ آمريڪا زبردست ترقي ڪئي آهي، ان جو معاشرو روادار آهي ۽ آمريڪا علم ۽ هنر جي ميدان ۾ جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو آهي، اهو حيرت انگيز آهي. هن چيو ته ٻين ملڪن کي پنهنجي مفادن لاءِ ان ??ان سبق سکڻ گهرجي، ??روري ناهي ته آمريڪا سان ??ر معاملي تي اتفاق ٿئي. هن چيو ته پاڪستان ??وسمياتي تبديلين جي تباهي سبب س?? کان ??ڌيڪ متاثر ٿيو آهي جيڪو هڪ عالمي مسئلو آهي. هن چيو ته سموري دنيا آمريڪا کي هڪ وڏي طاقت طور ڏسي ٿي، ??ڏهن ته گڏ ئي اها اميد رکي ٿي ته هو پاڻ کي گرين پاور ۾ تبديل ڪندو. گذريل سال بلوچستان ۽ سنڌ ۾ موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن سبب ٻوڏ تمام وڏي تباهي ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني ڊاڪٽر آمريڪي معاشري ۾ اسان جي سڃاڻپ آهن. نگران ??زيراعظم چيو ته ضروري آهي ته اسان جا نوجوان جتي به وڃن ڪامياب ٿين، پاڪستاني عوام تمام گهڻي باصلاحيت آهي. هن چيو ته پاڪستان ??درتي وسيلن سان ??الا مال آهي، حڪومت هاءِ ٽيڪ، تعليم يافته ۽ هنرمند انساني وسيلا پيدا ڪرڻ تي توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي تبديلي آئيني طريقي سان عمل ۾ آئي ۽ جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضمانت آهي. جمهوريت ?? عددي بنيادن تي آمريت ?? فرق ڄاڻڻ تمام صروري آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به جمهوريت جي نالي تي اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي، جمهوري معاشري ۾ هر فرد جي حقن جو تحفظ ضروري هوندو آهي. آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ جيڪا به قيادت چونڊجي ايندي آهي اها معاشري لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪندي آهي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي مختصر آئيني مدي دوران خرچن ۾ گهٽتائي، ٽئڪس اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڀرپور توجهه ڏيندي، پاڪستان ۾ اٽڪل 9 سيڪڙو آبادي پنهنجي ٽئڪسن مان جي ڊي پي ۾ حصو وجهي رهي آهي. نگران حڪومت جي مختصر دور ۾ غيردستاويزي معيشت، ماڻهن کي ٽئڪس نيٽ ۾ ڪيئن آندو وڃي ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪيئن ڪئي وڃي ان تي ڀرپور توجهه ڏيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن اڳوڻي سوويت يونين ۽ افغانستان جنگ ۽ ان کان ??وءِ خطي ۾ پيش آيل واقعن دوران ??اڪستان جي ڪردار جي وضاحت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان عالمي امن ۽ معيشت ۾ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ماضي ۾ دنيا جي ٻن طاقتن آمريڪا ۽ روس وچ ۾ ڪيترين ئي چئلينجز کي منهن ڏنو. نگران ??زيراعظم پاڪستان جي تاريخ ۽ قيام پاڪستان تي به خيالن جو اظهار ڪيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جمهوريت پارليامينٽ کي تقويت بخشي ۽ پاڪستان ۾ گذريل 15 سالن کان ??ڳاتار 3 جمهوري حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو. نگران ??زيراعظم سماجي نظم و ضبط جي تسلسل ۽ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ جي اهميت تي به زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ??ختلف معاملن تي آمريڪا سان ??اڪاري انداز ۾ مصروف عمل رهيو آهي. هن چيو ته مختلف عالمي مسئلن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلاف ۽ اتفاق به ٿيو.