اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگ??ان وفاقي وزير مدد علي ??نڌي پاڪستان ۾ فن لينڊ جي سفير هنوريپاٽي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي ??ان مهارت ۽ علم جي ڏي وٺ پاڪستان ۾ موجوده ادارن کي اپ گريڊ ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير ۽ سفير نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام تي اصولي ??ور تي اتفاق ڪيو جيڪو فن لينڊ جي ٽورڪو ميونسپلٽي جي مدد سان ڪنسٽرڪشن، آءِ ٽي، ٽيچرز ٽريننگ ۽ انجنيئرنگ اسٽڊيز کان علاوه ه??ٽل ۽ ريسٽورينٽ انڊسٽريءَ تي ڌيان ڏيندو. اهڙيءَ طرح فن لينڊ جي ٽورڪو ميونسپلٽي جي سهڪار سان پاڪستان ا??سٽ??ٽيوٽ آف ٽوئر ارزم اينڊ ه??ٽل مئنجمينٽ ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته غير رسمي تعليم جي شعبي ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي، اسلام آباد پاڪستاني نوجوانن کي فني مهارتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن کي موجوده ۽ پرڏيهه ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ خواهشمند پاڪستاني نوجوانن لاءِ اسڪلر لرننگ سينٽر طور تي وڌائي سگهجي ٿو. سفير وفاقي وزير کي فن لينڊ ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ جاري تعاون جي باري ۾ ٻُڌايو ته هو پهريان ئي نيوٽيڪ ۽ نسٽ ۾ پيشوراڻي تربيت فراهم ڪري رهيا آهن. سفير وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته فن لينڊ جون 2 يونيورسٽيون پهرين ئي انهن ادارن کي فني ۽ انساني مهارت فراهم ڪري رهي آهي. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته تقريبن 500 ماڻهو اڳ ئي تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. هن ٻُڌايو ته فن لينڊ جي حڪومت جي مدد سان نيو ٽيڪ اڳ ئي ه??ٽل ۽ ريسٽورينٽ مئنجمينٽ نگرانيءَ هيٺ هڪ سال ڊپلوما ڪورس کي 3 ساله ڪورس تائين وڌائي ڇڏيو آهي.