اسل??م آباد -31 آڪٽوبر (اي پي پي)اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ گئس جي اگهه ۾ پهرين نومبر 2023ع کان وا?? جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي، محصول ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وفاقي وزير فواد حسن فواد، رٿابندي واري وفاقي وزير سميع سعيد، بجلي ۽ پيٽرول واري وزير محمد علي، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. لاڳاپيل وزارتن اجلاس ۾ توانائي ۽ پيٽروليم واري وزا??ت طرفان پيش ڪيل سنگل آئٽم ايجنڊا تي غـور ڪيو. توانائي واري وزا??ت طرفان مختلف ڪيٽيگرين لاءِ قدرتي گئس جي وڪري جي اگهه تي نظرثاني جي حوالي سان پيش ڪيل سمري مالي سال 24-2023ع تي ٻيهر غور ڪيو ويو. اي سي سي تفصيلي بحث ۽ غور ڪرڻ بعد گئس جي اگهه ۾ وا?? جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تي عمل پهرين نومبر 2023ع کان ڪيو ويندو. اي سي سي ان کان اڳ 23 آڪٽوبر 2023ع تي پيٽروليم ڊويزن طرفان جمع ڪرايل سمري تي غور ڪيو ۽ قدرتي گئس جي قيمتن ۾ وا?? جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينه 30 تاريخ تي پنهنجي اجلاس ۾ ان سمري کي نظرثاني لاءِ ٻيهر اي سي سي ڏانهن اماڻيو هو. اي سي سي خصوصي اجلاس ۾ قدرتي گئس جي اگهه ۾ ترميم جي منظوري ڏني.