اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي خيبر ضلع?? جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن ج?? شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حفاظت جي لاءِ جان قربان ڪندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا هيرو آهن، شهيدن پنهنجي رت سان بهادري ۽ جرئت جي بي مثال تاريخ لکي آهي، پوري قوم پاڪ فوج ج?? شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفا??ي وزير دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ ل??نس نائيڪ عبدالقادر جي درجن جي بلند?? جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران وفا??ي وزير چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ هر پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين، دشمن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.