اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??را?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي صدارت ۾ سنڌي زبان جي ع??يم شاعر شيخ اياز جي 100 هين سالگرهه جي تقريب منعقد ڪرڻ ج?? لاءِ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ثقافت ۽ ق??مي ورثي وارو ن??را?? وفاقي وزير جمال شاهه، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو ن??را?? وفاقي وزير مدد علي سنڌي پڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??را?? وفاقي وزير چيو ته شيخ اياز جديد سنڌي شاعري جو سڀ کان وڏو شاعر ۽ اديب هو، شيخ اياز پنهنجي شاعري جي شروعات اردو شاعري سان ڪئي ۽ بعد ۾ سنڌي شاعري ۾ اعليٰ ترين مقام حاصل ڪيو. ثقافت ۽ ق??مي ورثي واري ن??را?? وفاقي وزير جمال شاهه چيو ته شيخ اياز سنڌي شاعري ۽ ادب ۾ نوان رجحان متعارف ڪرايا، هو نه رڳو سنڌ پر ننڍي کنڊ جو ع??يم شاعر آهي. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري ن??را?? وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته شيخ اياز جي شاعري کانسواءِ جديد سنڌ جو تصور ممڪن نه آهي، شيخ اياز عهد ساز شاعر هو، سندس شمار انهن ليجنڊز ۾ ٿئي ٿو جن جي زندگي ۾ ئي انهن جي عملي ۽ ادبي تخليق تي ڪم جي شروعات ٿي وئي هئي. اجلاس ۾ سنڌي زبان جي مشهور شاعر شيخ اياز جي ادبي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ ج?? لاءِ تقريب منعقد ڪرڻ ج?? فيصلو ڪيو ويو. تقريب ۾ بلوچستان جي گورنر عبدالولي ڪاڪڙ، سينيٽر مشاهد حسين سيد، افتخار عارف، سليمه هاشمي، سيد احمد شاهه، مونس اياز سميت ڪيترين ئي ناليوارين شخصيتن کي گهرايو ويندو. سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ 1923ع ۾ پيدا ٿيندڙ شيخ اياز جي زندگي جي لاهن چاڙهن ۽ سندس شاعري جي سفر جي عڪاسي ڪندي دستاويزي فلم پڻ تقريب ۾ پيش ڪئي ويندي جڏهن ته تقريب ۾ پينل مباحثو، مڪالمو ۽ موسيقي جا پرو??را?? پڻ شامل هوندا. اجلاس ۾ اطلاعات، ق??مي ورثي ۽ تعليم و??ري وزارتن جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.