اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير پاڪستان حڪوم?? ۽ ??اڪستان جي عوام پاران ايران جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي ان بزدلاڻي فعل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، پاڪستان سميت خطي جا اڪثر ملڪ دهشتگردي جو شڪار آهن، اسان دهشتگردي جي نتيجي ۾ ان ڏک کي سمجهي سگهون ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ايراني حڪومت ۽ ايران جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جون دعائون ايران جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. اطلاعا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري ن??ران وفاقي وزير متاثرين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.