راولپنڊي-27 ڊ??مب?? (اي پي پي) پاڪستان 400 ڪلوميٽرن تائين جي مفاصلي تي انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ واري فتح ٽو ميز??ئل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هي ميز??ئل جديد ترين ايويونڪس، نيويگيشن سسٽم ۽ منفرد اڏام جي صلاحيت سان ليس آهي. هٿيارن جو نظام 400ڪلوميٽرن جي حد تائين انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٽنهي هٿياربند فوجن جا سينئر آفيسر، سائنسدان ۽ انجنيئرز فتح ٽو ميز??ئل تجربي جي موقعي تي موجود هئا. صدر مملڪت، نگران وزيراعظم، چي??رم??ن جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف فتح ٽو ميز??ئل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج جي ماهرن ۽ سائنسدانن کي مبارڪون ڏن??ون.