اسلام آباد ?? 01 ??? جنوري (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرستن جي سالياني مٽاسٽا ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪست??ن ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن تي حملن جي منع جو مع??هد?? ٻين ڳالهين سان گڏ اه?? فراهم ڪر?? ٿو ته ٻئي ملڪ هر ڪئلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان موجب ان مع??هد?? تي 31 ڊسمبر 1988ع تي صحيحون ڪيون ويون ۽ اهو مع??هد?? 27 جنوري 1991ع تي لاڳو ٿيو. مع??هد?? جي آرٽيڪل II موجب پاڪستان ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرست باضابطا طور سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرست پڻ نئين دهلي ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. مع??هد?? تحت ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.