اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??را?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪو به انسان ڊس ايبل نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي، خصوصي ماڻهو به ووٽ جو حق رکن ٿا، سياسي پارٽين کي چونڊ منشور ۾ خصوصي ماڻه?? جي لاءِ پرو??را?? پيش ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ پاڪستان ڊس ايبل فائونڊيش?? جي اهتمام هيٺ خصوصي ماڻه?? جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??را?? وفاقي وزي?? چيو ته ڪو به انسان معذور نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي، جيڪي ماڻهو اکين کان ڏسي نه ٿا سگهن اهي دل جي روشني سان تمام گهڻو ڪجهه ڏسي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان کي معاشري جي خصوصي ماڻه?? جي ضرورتن جو خيال رکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي س??ور?? ترقي يافته ملڪن ۾ خصوصي ماڻه?? جي ضرورت جو خيال رکيو وڃي ٿو ڇو ته س??ور?? ماڻهن کي برابر حق حاصل آهن. هن آمريڪا جو مثال ڏيندي چيو ته آمريڪا جي هر رستي ۽ چوڪ ??ي رست?? جي تعمير جي اندر اهڙي طرح سان ڪٽ هنيو وڃي ٿو جو ڪو ماڻهو وهيل چيئر تي آساني سان گذري سگهي پر بدقسمتي سان اسان وٽ بلڊنگ ڪوڊز ۾ انهن شين جو خيال نه ٿو رکيو وڃي. هن چيو ته خصوصي ماڻه?? جي حق?? جي لاءِ قانونسازي جي ضرورت آهي ۽ قانونسازي چونڊيل نمائندا ڪندا آهن. ن??را?? وفاقي وزي?? چيو ته چونڊن کان ڪجهه هفتا اڳ خصوصي ماڻه?? جي تقريب منعقد ٿي رهي آهي، وڏيون سياسي پارٽيون منشورسازي ۾ مصروف آهن ۽ اهي نقط?? جي صورت ۾ پنهنجا پرو??را?? ڏئي رهيون آهن. سياسي پارٽين کي خصوصي ماڻه?? جي ڀلائي لاءِ قدمن کي پنهنجي منشور ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن وٽ ووٽ جو حق آهي، اهي سياسي پارٽي?? جي قيادت آڏو پنهنجا جائز مطالبا پيش ڪن ۽ انهن پارٽين کي ووٽ ڏي?? جيڪي انهن جا مطالبا پورا ڪن.