اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان اسان جي آبادي جو 65 سيڪڙو آهن، انهن جي شموليت ۽ تعاون کانسواءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح ممڪن نه هئي. هو پاڪستان نيشنل يوٿ ڪنوينشن 2024ع کي خاص مهمان جي ح??ثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان ه??. تقريب کي خطاب ڪندي نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جو جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ لازوال قربانيون ڏن??ون?? پاڪ فوج پوري لگن ۽ پيشيواراڻي مهارت سان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي. هن چيو ته پاڪستان جي ذميوار شهري هجڻ جي ناطي اسان کي پاڪستان جي خلاف پاڪستان جي دشمنن جي ڦهلايل پروپئگ??ڊه کي رد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان قومي سلامتي جي ان اڀرندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ان چئلينج تي ان ئي وقت ضابطو آڻي سگهجي ٿو جڏهن نوجوان، دشمنن جي ڦهلايل پروپئگ??ڊه کي رد ڪري رياست پاران فراهم ڪيل مستنند معلومات تي دارومدار ڪن.