اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اطلاعات ۽ نشريات واري و??ار?? ۾ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. اطلاعات ۽ نشريات واري و??ار?? ۾ پنهنجي آفيس اچڻ تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت و??ار?? جي ٻين اعليٰ آفيسرن وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. عطاءُ الله تارڙ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو سينيئر اڳواڻ آهي، هو تڪ اين اي 127 لاهور تان قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو آهي. ايوان صدر ۾ بحيثيت وفاقي وزير حلف کڻڻ کانپوءِ اڄ اڱاري ڏينهن اطلاعات واري و??ار?? ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اطلاعات واري و??ار?? جا دروازا صحافي برادري جي لاءِ کليل رهندا، ملڪ ۾ مثبت ۽ تعميري صحافت کي فروغ ڏيڻ ۽ حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ ??ضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومتي قدمن ۽ پاليسين کي عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ ميڊيا سان گڏجي ڪم ڪنداسين، ميڊيا عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ پل جو ڪردار ا??ا ڪري ٿي، ان ڪردار ک?? بهتر طريقي سان نڀائڻ جي ضرورت آهي.